اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان 20 مارچ تي نئين تاريخ لکجي رهي آهي.
آمريڪي رياست نيو يارڪ جي اسيمبلي ۾ 20 مارچ تي پاڪستان لاءِ اهم ٺهراءُ پيش ٿيندو، جنهن ۾ نيو يارڪ کي سنڌ ۽ پنجاب جي سسٽر اسٽيٽ بڻائڻ جي سفارش ڪئي ويندي.
آمريڪي رياست جي اسيمبلي مان ٺهراءَ جي منظوري سان واپار، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار وڌي ويندو.
نيو يارڪ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر فل راموس سسٽر اسٽيٽ ٺهراءُ پيش ڪندو، هو نومبر ۾ پاڪستان جو دورو به ڪري چڪو آهي.
سنڌ ۽ پنجاب جون نگران حڪومتون سسٽر اسٽيٽ تي راضپو ظاهر ڪري چڪيون آهن، ٺهراءَ جي منظوري کانپوءِ فل راموس ايندڙ مهيني پاڪستان جو وري دورو ڪندو.
نيو يارڪ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي ان دوري جو مقصد سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءَ جي منظوري هوندو.
نيو يارڪ اسيمبلي ۾ 20 مارچ تي سنڌ ۽ پنجاب کي سسٽر اسٽيٽ بڻائڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو
You might also like