يوم پاڪستان پريڊ ۾ چيني فوج به شرڪت ڪندي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني هٿياربند فوج 23 مارچ تي پاڪستان جي قومي ڏينهن جي فوجي پريڊ ۾ شرڪت ڪندي.
اهو اعلان چين جي قومي دفاع واري وزارت جي ترجمان زانگ زياوگنگ پنهنجي بيان ۾ ڪيو.
ترجمان موجب چيني پيپلز لبريشن آرمي پاڪستاني فوج جي دعوت تي يوم پاڪستان پريڊ ۾ شرڪت لاءِ مارچ جي وچ کان آخر تائين هڪ دستو پاڪستان موڪليندي.
واضح رهي ته اهو پهريون موقعو ناهي جو چيني فوج يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندي، ان کان اڳ 2017 ۾ به ان ايونٽ ۾ حصو ورتو هو.
ماضي ۾ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن جا فوجي دستا ان تقريب ۾ شرڪت ڪري چڪا آهن.
يوم پاڪستان جي موقعي تي هٿياربند فوج جي پريڊ جون تياريون گذريل مهيني شروع ٿيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.