افتخار چوڌري جي عمران خان تي 20 ارب رپيا ڏنڊ جي دعويٰ خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي مقامي عدالت 10 سالن کانپوءِ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي پي ٽي آءِ باني عمران خان تي 20 ارب رپيا ڏنڊ جي دعويٰ خارج ڪري ڇڏي.
2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي جنوري 2015 ۾ افتخار چوڌري پي ٽي آءِ باني خلاف دعويٰ داخل ڪئي هئي.
ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ ۾ چيو ويو هو ته پي ٽي آءِ باني عدليا خلاف بي بنياد الزام هنيا.
عدالت چيو آهي ته افتخار چوڌري جي دعويٰ موجب 27 جون 2014 جي بيان ۾ پي ٽي آءِ باني توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيا، دعويٰ 6 مهينن 24 ڏينهن کانپوءِ 20 جنوري 2015 ۾ داخل ٿي، جڏهن ته 2002 جي قانون موجب 6 مهينن اندر دعويٰ داخل ڪرڻ ضروري آهي ۽ قانوني طور توهين جوڳي بيان تي 6 مهينن دوران دعويٰ داخل نه ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.