پ پ سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽ چونڊن لاءِ پنهنجي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ جي پڌرائيءَ موجب بلوچستان مان ايمل ولي خان پ پ ۽ اي اين پي جو گڏيل اميدوار هوندو.
جان محمد بليدي پ پ ۽ اين پي جو گڏيل اميدوار هوندو، جڏهن ته مير چنگيز خان جمالي ۽ سردار عمر گرگيج پ پ جو اميدوار هوندو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي بلال مندوخيل پ پ اميدوار هوندو، جڏهن ته عورتن جي سيٽن تي مسز عشرت بلوچ ۽ ڪرن بلوچ پ پ جي اميدوار هوندي.
بلاول هائوس جي ترجمان موجب سنڌ مان جنرل سيٽن تي ڪاظم شاهه، اشرف جتوئي، مسرور احسن، نديم ڀٽو، سرفراز راڄر ۽ دوست علي اميدوار هوندا.
ترجمان ٻڌايو ته سنڌ مان عورتن جي سيٽن لاءِ عيني مري ۽ روبينا قائم خاني اميدوار، جڏهن ته اقليتن جي سيٽن لاءِ پونجو ڀيل اميدوار هوندو.
ان کانسواءِ ڪي پي مان روبينا خالد ۽ پنجاب مان فائزا احمد ملڪ پ پ اميدوار هوندي، اسلام آباد مان راڻا محمود الحسن پ پ جو سينيٽ لاءِ اميدوار هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.