وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو مثالي قدم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مثالي قدم کڻندي مريضن جي ايمرجنسي منتقلي لاءِ پنهنجو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايئر ايمبولينس پراجيڪٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعليٰ چيو ته صوبي ۾ تمام جلد ايئر ايمبويلنس سروس جي شروعات ڪئي ويندي.
هن مريضن جي ايمرجنسي منتقلي لاءِ پنهنجو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندي چيو ته مريض وقت تي اسپتال نه پهچڻ سان زندگي جي جنگ هارائي ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڏورانهن علائقن ۾ حادثي جي صورت ۾ متاثرن کي وقت تي اسپتال پهچائڻ اڻٽر آهي، موٽر وي تي به ريسڪيو 1122 سروس شروع ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.