اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان شهرين جا پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن ونگ موجب افغان شهرين جا پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺاهڻ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي اٽڪ مان 3 ايجنٽ گرفتار ڪيا ويا.
گرفتار جوابدار دوست محمد جي نشاندهي تي وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون، جوابدار جعلي دستاويزن تي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ تيار ڪرائيندا هئا.
اينٽي ڪرپشن جو چوڻ آهي ته جوابدار نادرا ۽ پاسپورٽ اهلڪارن جي مدد سان اهو ڪم ڪندا هئا ۽ کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
Prev Post
Next Post
You might also like