واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ تحريڪ انصاف طرفان آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي آفيسن ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شامل ماڻهن آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي قرض ڏيڻ کان اڳ سخت شرط لاڳو ڪرڻ، قسط جاري ڪرڻ جي معاملي کي چونڊ نتيجن ۽ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ سان جوڙڻ جو مطالبو ڪيو.
ذريعن موجب احتجاج ۾ شريڪ پي ٽي آءِ باني جي ويجهي ساٿي شهباز گل کي پارٽي قيادت طرفان ائين ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو، جڏهن ته ان لاءِ مقامي ۽ عالمي اين جي اوز کان به مدد ورتي وئي
You might also like