لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس پي ٽي آءِ جي 38 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي مال روڊ تي ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
مال روڊ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي معاملي ۾ انارڪلي ٿاڻي تي دهشتگردي، اغوا ڪاري، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ هراسان ڪرڻ سميت ٻين سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حافظ فرحت عباس، فوزيا، هديرا ۽ حميدا بي بي سميت 38 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج دوران فرحت عباس ڪارڪنن کي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ لاءِ اڪسائيندو رهيو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن سرڪاري گاڏي کي به نقصان پهچايو.
ايف آءِ آر موجب حافظ فرحت عباس اڻڄاتل ساٿين سان گڏجي سخت فائرنگ ڪئي، هڪ فائر سرڪاري گاڏي کي به لڳو، هن ساٿين سان گڏجي اهلڪار جي وردي ڦاڙي ڇڏي ۽ ان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي استنبول چوڪ تان آزاد ڪرايو ويو.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته حافظ فرحت عباس کي قابو ڪري پوليس پسٽل برآمد ڪيو، گرفتار جوابدارن وٽان ڏنڊا به برآمد ڪيا ويا.
You might also like