پشاور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رمضان المبارڪ 1445 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو ۽ سڀاڻي اڱاري تي پهريون روزو هوندو.
رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس به ٿيا.
مولانا عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون وصول ٿيون آهن.
هن ٻڌايو ته لاهور، سوات، دير ۽ پشاور سميت مختلف شهرن مان شاهديون وصول ٿيون، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ سڀاڻي پهرين رمضان هوندي.
You might also like