اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پيرز عمران خان جي خط تي ردعمل ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف مقامي ۽ سياسي مسئلن تي تبصرو ناهي ڪندو.
هڪ بيان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پيرز چيو ته آءِ ايم ايف کي پي ٽي آءِ طرفان 28 فيبروري تي خط مليو، خط پاڪستان جي قرض پروگرام بابت آهي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف هڪ عالمي ادارو آهي جنهن جو مينڊيٽ معاشي مسئلن تائين محدود آهي تنهنڪري آءِ ايم ايف مقامي ۽ سياسي مسئلن تي تبصرو ناهي ڪندو.
سندس چوڻ هوته پاڪستان سان سندن انگيجمينٽ جو مقصد مالي استحڪام آهي، سندن مقصد شهرين جي فائدي لاءِ پائيدار ۽ گڏيل ترقي آهي، سندن مقصد مضبوط پاليسيون جي نفاذ جي حمايت ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف کي خط لکيو هو جنهن جي تصديق هن پاڻ ڪئي هئي.