نيوزيلينڊ خلاف سيريز، ڪنهن جي واپسي ۽ ڪير ٿيندو ڊراپ؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ ڪجهه رانديگرن جي واپسي ۽ ڪجهه ڪرڪيٽرن جي ڊراپ ٿيڻ جو امڪان آهي.
نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز اپريل جي وچ ڌاران شيڊيول آهي جنهن لاءِ امڪاني رانديگرن جو اعلان پاڪستان سپر ليگ کانپوءِ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، شاداب خان ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه جي نيوزيلينڊ خلاف هوم ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ واپسي جو ٿيندي.
شاداب خان نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جي آخري ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ٽيم جو حصو نه هو، جڏهن ته هن وقت هو فٽنس پي ايس ايل ۾ شاندار آل رائونڊر پرفارمنس جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حنين شاهه ۽ خواجا نافع کي امڪاني رانديگرن ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته سلمان علي آغا ۽ حيدر علي جي نالن تي به غور ويچار ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، حارث رئوف ڪلهي جي انجري جو شڪار آهي جنهن سبب سندس ٽيم ۾ واپسي مشڪل نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته محمد نواز ۽ حسيب الله جي سليڪشن به سواليا نشان بڻيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.