اتر ڪوريا پاران فوج کي جنگي تياريون تيز ڪرڻ جو حڪم

پيانگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪِم جونگ اُن پنهنجي ملڪ جي فوج کي جنگي تياريون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪم جونگ ان ملڪ جي اولهه ۾ وڏي ملٽري آپريشن جي اڏي تي فوجين جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ جنگ لاءِ تياري تيزي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
سرڪاري طور تي هلندڙ ڪورين سينٽرل نيوز ايجنسي پنهنجي رپورٽ ۾ اڏي جو هنڌ ظاهر نه ڪيو آهي.
رپورٽ موجب اتر ڪوريا جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته فوج کي موجودهه صورتحال جي گھرجن موجب جنگي تيارين کي تيز ڪرڻ لاءِ سرگرم طور تي نئين دور جي شروعات ڪرڻ گھرجي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي فوج کي حقيقي جنگي مشقن کي مستقل طور تي تيز ڪرڻ گھرجي جنهن جو مقصد ڪامل جنگي تيارين لاءِ پنهنجي جنگي صلاحيتن کي تيزي سان بهتر ڪرڻ آهي.
ڪم جونگ اُن جو اهو دورو ان وقت ٿيو جڏهن آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي فوج پاران مشقون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.