”عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار موجوده حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هوندي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شعيب شاهين چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار موجوده حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هوندي.
اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شعيب شاهين چيو ته ٽيمپرنگ کانپوءِ ڪجهه پولنگ اسٽيشنز ۾ ووٽن جي شرح 99.99 سيڪڙو ڪئي وئي، جيڪو ظاهري طور ناممڪن آهي، اسان ان حوالي سان جلد هڪ وائيٽ پيپر جاري ڪنداسين.
هن چيو ته اسان وٽ، جماعت اسلامي ۽ ٽي ايل پي سميت مصطفيٰ نواز کوکر وٽ هڪجهڙا فارم 45 آهن، جڏهن ته طارق فضل چوڌري وٽ ڪجهه ٻيا فارم 45 آهن، اسان پرچو ڪري رٽرننگ آفيسرن کي هٽرائينداسين.
سندس چوڻ هو ته هي آءِ ايم ايف کان قرض وٺندا ۽ اشرافيا کائي ويندي، قرض وري عوام لاهيندو، عدليا کي گهرجي ته انهن چورن کي روڪي، واضح ڪندو هلان ته چورن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.
شعيب شاهين چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ڊيڄارڻ ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، دهشتگردي سڄو پاڪستان ڇڏي اڊيالا جيل ڇو ويا اهو سواليا نشان آهي؟ جيڪڏهن عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار موجوده حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هوندي.
واضح رهي ته راولپنڊي گذريل ڏينهن پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته سي ٽي ڊي گڏيل ڪارروائي ڪري اڊيالا جيل کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو.
ڪارروائي دوران 3 پرڏيهي دهشتگردن کي گرفتار ڪري انهن جي تحويل مان اڊيالا جيل جو نقشو، هٿيار ۽ وڏي انگ ۾ گولا ۽ بارود هٿ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.