لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي والنٽيئر ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب رٿي وئي.
تقريب ۾ ناليواري ڪالم نگار ڊاڪٽر صائمه اسما، سينيئر اينڪر پرسن اويس منگل والا، سيلف ڊفينس ٽرينر عائشه مزمل، انٽرنيشنل باڪسر صبيهه اسلام، سينيئر مينيجر ميڊيا رليشنز شعيب هاشمي، والنٽيئر ڊپارٽمينٽ مان صنان اڪبر، حافظه ارحم طارق، عاصمه عمران، رويحه ادريس، صديقه ماه نور، سدره امجد، مختلف طبقن مان نائله ضيا، ڊاڪٽر عافيه، مختلف يونيورسٽين مان استادن ۽ شاگردن، انٽرنيشنل اسپورٽس وومين، سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.
مهمانن گفتگو ڪندي عورتن جي شعور کي اجاڳر ڪرڻ ۽ انسانيت لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ عورتن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ذاتي دفاع جي ٽريننگ جا مختلف سيشن به ان موقعي تي ايونٽ جو حصو هئا.
صنان اڪبر چيو ته اڄ اسان هن تقريب کي غزا جي باهمت فلسطيني عورتن جي نالي ڪيون ٿا، جيڪي جنگ جي ڏکين ترين حالتن باوجود بهادري سان مقابلو ڪري رهيون آهن.
هن چيو ته غزا کانسواءِ اوفرن، قدرتي آفتن سميت ٻين طبقن جي فنڊ ريزنگ ۾ عورت والنٽيئر الخدمت فائونڊيشن سان گڏجي ڪم ڪنديون آهن، امدادي سامان جي پيڪنگ ۾ به اسان جي انهن ڀينرن جو اهم ڪردار هوندو آهي.
مقررن چيو ته ذاتي دفاع جي ٽريننگ عورتن لاءِ اڻٽر آهي، عورتون پاڻ کي محفوظ محسوس ڪنديون ته اهي پراعتماد انداز ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ ڪردار ادا ڪري سگهنديون.
تقريب جي پڄاڻي تي رضاڪارن ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.
You might also like