موڊيز پاڪستان جي بينڪنگ شعبي جي ريٽنگ مستحڪم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موڊيز پاڪستان جي بينڪنگ شعبي جي ريٽنگ مستحڪم ڪري ڇڏي.
موڊيز موجب هلندڙ سال پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 23 سيڪڙو رهندي.
معيشتن جي درجابندي ڪندڙ اداري م وجب بينڪنگ شعبي جو منافعو ايندڙ سال وياج جي شرح ۽ بلند ٽيڪسن سبب گهٽ ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ڏکئي وقت ۾ بينڪن جي مدد ڪئي، جنهن سان ڊيپازٽرز جو نقصان نه ٿيو.
موڊيز چيو آهي ته بينڪن کي منافعي کي منافعي سان بهتر فنڊنگ، ليڪويڊيٽي، معاشي چئلينجن ۽ سياسي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستاني بينڪنگ نظام تي معاشي ۽ مالياتي دٻاءُ گهٽ ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.