سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ وسيلن جي کوٽ بابت سيشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ”هائر ايجوڪيشن ۾ پائيداري جي شموليت: تعليمي ماهرن جي نقطه نظر کان چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي سيشن رٿيو ويو.
سيشن ۾ پاڪستان، روس، آمريڪا ۽ برطانيه جي تعليمي ماهرن قدرتي وسيلن جي کوٽ ۽ وڌندر آبادي سان قدرتي وسيلن جي وڌندڙ استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جن ۾ قدرتي گئس، پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ شامل آهن.
سيشن کي خطاب ڪندي تعليمي ماهرن چيو ته ترقيءَ لاءِ هر سطح تي پائيداريءَ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اسان سڀني کي انفرادي توڙي اجتماعي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ماهرن تجويز ڏني ته پائيداري اعليٰ تعليم جي نصاب جو حصو پڻ هئڻ گهرجي.
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ موجوده پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته اسان جيڪي وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون، اهي گهڻا جٽادار نه آهن ۽ پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻ وقت انهن کي جٽادار بڻائڻ جو خيال نٿا رکون.
هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ويسٽ مٽيريل کي ٻيهر استعمال ۽ ريسائيڪل ڪيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته يونيورسٽيون تبديليءَ جون نمائندا آهن، ۽ اهي سماج لاءِ انساني وسيلا پيدا ڪنديون آهن، تنهن ڪري پائيداري لاءِ اسان کي نوجوانن جي تربيت ڪرڻي پوندي.
سائنس فائونڊيشن جي اي سي او ڊاڪٽر منظور حسين سومرو سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ماڻهن کي پائيداري بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ماڻهن ان بابت به ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته سسٽين ايبل ڊويلپمينٽ گولز ۾ وڃڻ کان سواءِ اسان جي ماحول ۽ پائيداري کي ڪهڙا عنصر متاثر ڪن ٿا ۽ انهن جي حل لاءِ ڪهڙين صلاحيتن ۽ ٽيڪنالاجيز جي ضرورت آهي.
هن مشورو ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ اسان کي اسڪول جي ٻارن، يونيورسٽي جي شاگردن، فيڪلٽي، صنعت، ميڊيا توڙي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
آمريڪا جي انڊيانا يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪيٿ ڪيسي بارٽن چيو ته پائيداري هڪ ڊگهو ۽ سست عمل آهي، پر اسان کي پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ پائيداري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته اسان جا قدرتي وسيلا، زمين، پاڻي ۽ ٻيلن جا ذخيرا محدود آهن، ان جي ابتڙ آبادي وڌي رهي آهي، ان ڪري کاڌ خوراڪ جي گهرج وڌي پئي جنهن جي ڪري قدرتي وسيلن تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي جنهن جو سبب واهپي جي نموني ۾ تبديلي ۽ شهري آبادي جو نئون انداز آهي.
هن چيو ته اسان کي پنهنجي مستقبل جي ضرورتن ۽ ايندڙ نسلن جي مفادن سان سوديبازي ڪرڻ کان سواءِ موجودهه آبادي ۽ ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻو آهي.
لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي پروفيسر ڊاڪٽر جواد سيد چيو ته يونيورسٽي سطح تي اهو ضروري آهي ته اسان پنهنجين ترجيحن جو جائزو وٺون، ڇو ته شاگرد انهن سڀني شين جا ذميوار نه آهن، ان ڪري اسان کي پنهنجي ترجيحن جو جائزو وٺڻو پوندو.
برطانيه جي يونيورسٽي آف سنڊرلينڊ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر شجره الدار چيو ته شاگردن کي پروجيڪٽ ڏئي کين بااختيار بڻايو وڃي. ان سان گڏ تعليمي ليڊرشپ کي هر شيءِ جي ذميواري کڻڻي آهي. هن وقت 50 سيڪڙو کان وڌيڪ شاگردياڻيون برطانيا جي يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيون آهن، ان جي باوجود سموريون يونيورسٽيون ڪوششون ڪري رهيون آهن ته ڇوڪرين جي انگ کي وڌايو وڃي گڏوگڏ يونيورسٽيون صنفي برابريءَ تي به ڪم ڪري ڪن پيو.
روس جي قازان يونيورسٽي ۾ لسانيات جي پروفيسر ڊاڪٽر سولانشڪينا مارينا ايوانونا پنهنجي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي ۽ سوويت يونين جي دور جي سماجي ۽ تعليمي حالتن کي بيان ڪندي ٻڌايو ته هن جرمن ۽ پوءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي جنهن سان سندس ذهانت ۾ واڌارو ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي سماج ۽ ان جي پائيداريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، روس قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي جتي سمورن شعبن ۾ استحڪام آندو ويو آهي.
سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ڊين فيڪلٽي آف مينيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪامرس ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو اجلاس ۾ ماڊريٽر جا فرض انجام ڏنا.
سيشن ۾ ايڇ اِي سي سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع، وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، قومي ۽ بين عالمي اسڪالرس، سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي فيڪلٽي، مختلف تعليمي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
سيشن جي آخر ۾ ڊاڪٽر مجيب صحرائي مهمانن کي سووينئر پڻ ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.