بلوچ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي جيڪب آباد ۾ بلوچن پاران پٽڪا ۽ بلوچي ثقافتي لباس پهري هڪ ٻئي کي ثقافتي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون ويون. بي اين پي جي گلاب جان مينگل، بشير لاشاري، دلمراد لاشاري، دلاور لاشاري ۽ ٻين شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان ڊي سي چوڪ تائين ريلي ڪڍي بلوچي گيتن تي رقص ڪيو.