پتوڪي (ويب ڊيسڪ) پتوڪي ۾ ڪچري تي ڍير تي ڦٽو ڪيل تازي ڄاول ٻار کي ڪتن ماري وڌو.
پوليس موجب مدينه ڪالوني ۾ تازي ڄاول ٻار کي رات جي اونداهي ۾ ڪچهري تي ڍير تي ڦٽو ڪيو ويو هو.
علائقي واسين ٻار کي ڪتن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه بچي سگهيو، ريسڪيو ٽيم اتي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻار جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.