ڪراچي (رپورٽر) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سنڌ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ميڊيا کي پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو ورتو ويو ۽ نگران حڪومت ۾ ميڊيا تي عائد سخت سنسر شپ جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان کي مارشل لا جي دورن کان به سخت قرار ڏنو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ ڪميٽي جي چيئرمين عامر محمود چيو ته نگران حڪومت ۾ ميڊيا تي پابنديون مارشل لا دورن کان وڌيڪ سخت رهيون، عام چونڊن دوران انٽرنيٽ جي بندش دراصل صحافين کي آزادي سان رپورٽنگ ڪرڻ کان روڪڻ جا حربا هئا، انٽرنيٽ ۽ ٽوئيٽر جي بندش به اظهار جي آزادي تي پابندي جي ڪوشش آهي، اڄ به سچ لکڻ تي صحافي گرفتار ٿي رهيا آهن، عورت صحافين خلاف سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ڪئي پئي وڃي، جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ناهن ٿيا، بلوچستان ۾ صحافين کي ذميوارين کان روڪڻ لاءِ انهن خلاف ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهن، هن چيو ته صدر ارشاد عارف جي منظوري بعد سي پي اين اي، ايمنڊ جي ڪوششن سام پي ايف يو جيز، پريس ڪلبز ۽ رپورٽر فار پارليامينٽ جو هڪ اجلاس اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب ۾ ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي جي راهه ۾ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي، سيڪريٽري جنرل سي پي اين اي اعجاز الحق جو چوڻ آهي ته سينٽرل ميڊيا لسٽ مان ڪڍيل سي پي اين اي ميمبرز جي بحالي لاءِ ڪم جاري آهي، نئين حڪومت جي جڙڻ بعد ان سلسلي ۾ ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي، سرڪاري اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي جائز واجبات جي رڪوري لاءِ تنظيمن سان ملي ڪم ڪيون پيا، سنڌ انفارميشن کي 75 ڪروڙ فنڊز وصول ٿيا آهن جن مان 9 ڪروڙ رپيا پرنٽ ميڊيا جي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ نگران وڏي وزير ۽ سڌ سماءِ واري وزير سان ٻه ٻه ميٽنگز ڪيون، خاطري ڪرائي وئي ته رهتن جي ادائگي جلد ڪئي ويندي پر ايئن نه ٿيو، اجلاس ۾ پرنٽ ميڊيا جي اشتهارن جي ونڊ ورڇ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ فنانس سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري مقصود يوسفي سميت سينيئر ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، نصرت مرزا، قاضي سجاد، بشير ميمڻ، منزه سهام، شير محمد کهاوڙ، محمود عالم خالد، سيد حسن عباس، علي حمزه افغان، سيدد مدثر، مدثر عالم، عبدالسميع مڱريو، شاهد ساٽي، علي بن يونس، سلمان قريشي، عبدالرحمان، عمران شهزاد، عاطف صادق شيخ، عاطف عزيز، ذيشان حسين، هارون الرشيد ۽ عمران ڪورائي به موجود هئا.