نيپرا بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ناقص ڪاڪردگي جا پول پڌرا ڪندي چيو آهي ته ڪمپنيون گھرج کان گھٽ بجلي وٺي لوڊشيڊنگ ڪن ٿيون.
نيپرا ڪي اليڪٽرڪ سوڌو سڀني بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي رپورٽ 2022-23 جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي گھٽ وصولين سان قومي ناڻي کي 403 ارب روپين جو نقصان پهچايو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ سوڌو 9 ڪمپنيون 100 سيڪڙو اوڳاڙيڪر۾ ۾ ناڪام رهيون، اوڳاڙيون گھٽجڻ سان هڪ سال ۾ قومي ناڻي کي 263 ارب روپين جو نقصان ٿيو جڏهن ته هڪ سال ۾ مقرر حد کان وڌيڪ نقصان سان ناڻي کي 166 ارب روپين جو نقصان ٿيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي هجڻ جي باوجود ڪمپنيون ڪوٽا موجب بجلي ناهن وٺي رهيون، بجلي ڪمپنيون ڄاڻي واڻي پنهنجي گھرج کان گھٽ بجلي وٺي رهيون آهن ۽ گھٽ بجلي خريد ڪرڻ سان بجلي ڪمپنيون لوڊشيڊنگ ڪن ٿيون.
نيپرا چيو ته بجلي هجڻ باوجود خريد نه ڪرڻ الارمنگ آهي، ڪمپنيون بجلي موجود هجڻ جي باوجود واهپيدارن کي نوان ڪنيڪشن فراهم نه ڪري رهيون آهن.
نيپرا جي اجازت جي باوجود بجلي ڪمپنين سسٽم جي بهتري لاءِ ڪا به سيڙپڪاري ناهي ڪئي، بجلي ڪمپنين ۾ وڏي پيماني تي انتظامي تبديلين ۽ ڪمپنين ۾ ورڇ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
صوبن کي منتقلي، نجڪاري، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائي بهتري آڻي سگھجي ٿي، نقصانن جي پاليسي ختم ڪري سسٽم ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.