پاڪستان ۾ آئي ڏينهن ڪو نه ڪو واقعو سامهون ايندو آهي ۽ تازو هڪ واقعو پنجاب جي تخت گاهه لاهور ۾ پيش آيو، جتي شاپنگ لاءِ آيل عورت تي مڇريل ماڻهن توهين مذهب جو الزام هنيو، عورت تي الزام هنيو ويو ته هن جيڪو لباس پاتو آهي، ان تي قرآني آيتون لکيل آهن.
پوءِ پوليس جي پهري ۾ ويهي عورت معافي گهري ۽ مقامي عالمن طرفان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي ته عورت جي قميض تي ڪا آيت نه هئي پر ان تي عربي لفظ ”حلوه“ پرنٽ ٿيل هو، عربي ۾ ان لفظ جي معنيٰ حسين، خوبصورت يا مٺو آهي.
ان واقعي کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪپڙن جو مشهور برانڊ منٽو به بحث هيٺ آيو، جيڪو پنهنجي اسڪارف ۽ چادرن تي عربي لفظن سبب مشهور آهي.
واهپيدارن چيو ڇا اسان ان برانڊ جا ڪپڙا پائي معاشري ۾ نڪرنداسين ته مذهبي انتهاپسند اسان کي ماري ڇڏيندا؟
اهڙن سوالن کانپوءِ مشهور پاڪستاني برانڊ منٽو پنهنجي گراهڪن لاءِ سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي ڪجهه اسٽوريون شيئر ڪيون، جن ۾ چيو ويو ته اسان کي تازو پيش آيل واقعي تي افسوس آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا.
منٽو ڪسٽمرز لاءِ ڏنل پيغام ۾ چيو ته هڪ انسان طور توهان جي حفاظت ئي اسان جي ترجيح آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به موقعي تي توهان ”منٽو“ جو لباس پائيندي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪيو ٿا ته مهرباني ڪري اهڙي لباس کي پاسي تي رکو، اسان ڪنهن به قيمت تي نه چاهينداسين ته توهان جي زندگي کي خطري ۾ وجهون.
منٽو برانڊ طرفان شيئر ڪيل پيغام ۾ چيو ويو ته اسان شعوري طور تي اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهيون، جن جي ٻٽي معنيٰ هجي، اسان جي ڊيزائن ۾ اهڙي ڪا شاعري يا لفظ شامل ناهي، جنهن ۾ مذهب جو ذڪر هجي.
منٽو برانڊ پنهنجي گراهڪن جا ٿورا مڃيندي چيو ته توهان جي محبت ۽ حمايت تي شڪرگذار آهيون پر مهرباني ڪري محفوظ رکو ۽ پنهنجي پاڻ کي اڳ ۾ رکو، توهان جي حفاظت اسان لاءِ ڪنهن به شئي کان وڌيڪ اهم آهي.
You might also like