صدر اجلاس نه گهرايو ته به ٿيندو: علوي جي اعتراضن تي نگران حڪومت جو جواب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت سمري تي صدر عارف علوي جي اعتراضن جو جواب ڏئي ڇڏيو.
حڪومتي ذريعن موجب آئين جي آرٽيڪل 91 ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته ايوان اڻپورو هجي ته اجلاس نٿو گهرائي سگهجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر جو اختيار ۽ حق آهي ئي نه ته آرٽيڪل 91 تحت اجلاس روڪي سگهي، صدر رڳو آرٽيڪل 54 تحت معمول جو اجلاس روڪي سگهي ٿو.
نگران حڪومت جي ذريعن موجب اهو معمول جو نه غير معمولي اجلاس آئيني گهرج آهي، ڪٿي به ناهي لکيل ته مخصوص سيٽون نه هجن ته اجلاس نٿو ٿي سگهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت صدر کان فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته هو آئين موجب اجلاس طلب ڪري.
نگران حڪومت موجب آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 2 تحت اليڪشن جي 21هين ڏينهن اجلاس گهرائڻ لازمي آهي، صدر 29 فيبروري تي اجلاس نه گهرايو ته به اجلاس ان ئي ڏينهن ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.