جي ڊي اي، جماعت اسلامي جو چونڊ نتيجن خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ جماعت اسلامي چونڊ نتيجن خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو.
ان موقعي تي جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي چيو ته 10 رڪني جوڙي وئي آهي، جيڪا اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪندي، موجوده حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته چوري جي چونڊن سان حڪومت نه هلي سگهندي، اسان 30 لک گهرن ۽ 300 يونٽ مفت بجلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
جماعت اسلامي اڳواڻ اسامه رضي چيو ته ملڪ طاقتورن جي مرضي سان نه آئين موجب هلندو.
واضح رهي ته چونڊ نتيجن خلاف اڄ جي ڊي اي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو، ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا.
هوڏانهن مراد علي شاهه جي حلف برداري تقريب سبب گورنر هائوس ڏانهن ويندڙ روڊ بند ڪيا ويا، جنهن سبب ٽريفڪ جام رهي ۽ شهرين ڏکيائين کي منهن ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.