ملتان (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي عورت ڪوچ سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
انسٽاگرام تي پي ايس ايل سيزن 9 جي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ نظر ايندڙ شاهين آفريدي جي هڪ خاص ادا سڀني کي پسند اچي وئي آهي.
ميچ جي پڄاڻي بعد ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ ۾ رڌل هيون ته ان ئي دوران ملتان جي عورت ڪوچ شاهين ڏانهن هٿ وڌايو پر شاهين پنهنجو هٿ سيني تي رکي ڇڏيو ۽ وات سان سلام جو جواب ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ٻيا رانديگر عورت ڪوچ سان هٿ ملائيندا رهيا.
View this post on Instagram
خيال رهي ته شاهين آفريدي لاءِ چيو ويندو آهي ته هو شادي کانپوءِ ٻين عورت ڏانهن نهاريندو به ناهي ۽ نه ئي هٿ ملائيندو آهي.