ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين زال مڙس کي مرداڻي صفتن کان محروم ڪري ڇڏيو

عارف والا (ويب ڊيسڪ) پاڪپتن ضلعي جي شهر عارف والا ۾ ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين گهرواري مڙس کي مرداڻي صفتن کان محروم ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب اهو واقعو مشتاق نگر پاڙي ۾ پيش آيو، جتي پهرين گهرواري مڙس کي کاڌي ۾ نشو ملائي ڏنو، جنهن سبب هو بيهوش ٿي ويو، گهرواري بيهوشي جي حالت ۾ مڙس افتخار احمد کي رسن سان ٻڌي ڇڏيو ۽ تکي اوزار سان سندس نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته زال مڙس کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، شازيا بي بي خلاف سٽي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.