ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان جو خط لکڻ اندروني معاملن ۾ مداخلت آهي.
ڪراچي ۾ صحافين کي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اي اين پي ڪنهن جي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي.
پ پ اڳواڻ موجب وفاقي حڪومت ۾ شامل آهيون، وزارتون نه پيا وٺون، قانون سازي ۽ ٻين معاملن ۾ سپورٽ ڪنداسين.
خورشيد شاهه چيو ته جي ڊي اي ڪڏهن به هڪ سيٽ کان وڌيڪ سيٽون ناهن کٽيون، اوهان صحافي چپ ڇو آهيو؟