ٽنڊو مستي: قلندر لعل شهباز جون 2 پانڌيئڙون حادثي ۾ فوت

ٽنڊو مستي (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو مستي ۾ قلندر لعل شهباز جا پانڌيئڙا حادثي جو شڪار ٿي ويا، حادثي ۾ ٻه عورتون فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

قومي شاهراهه تي حادثي ۾ سرگوڌا واسڻ صوبيا ۽ اوڪاڙا واسڻ سلما بي بي فوت ٿي ويون جڏهن ته زخمين ۾ ٽن سالن جي غلام فاطما ۽ محمد الياس کرل شامل آهن.

حادثو تيز رفتار مزدا جي موٽرسائيڪلن کي ٽڪر لڳڻ سبب پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.