ياسر حسين ايوارڊ شوز ۾ نه وڃڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار، هدايت ڪار ۽ ٽي وي ميزبان ياسر حسين دعوٰ ڪئي آهي ته ڪجهه اداڪار گهٽ پيسن ۽ رڳو جهاز جي ٽڪيٽ ۽ پرڏيهه جي ويزا ملڻ تي به ايوارڊ شو جي ميزباني ڪندا آهن.

ياسر حسين جي ويجهڙ هڪ انٽرويو جي وڊيو ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو چئي ٿو ته هو ان ڪري ايوارڊ شوز جو حصو ناهي ڇاڪاڻ ته هو گهٽ پيسن يا پيسن جي بغير ڪم ناهي ڪرڻ چاهيندو.

اداڪار چيو ته ڪيترائي ميزبان رڳو اڪانامي ڪلاس جي ٽڪيٽ تي به ايوارڊ شو جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.

اداڪار چيو ته ماڻهو رڳو پرڏيهه جي ويزا ۽ ايئر ٽڪيٽ تي وچ شو ۾ ڊانس لاءِ به راضي ٿي ويندا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو گهٽ پيسا، ويزا ۽ رڳو ايوارڊ ملڻ تي به ميزباني لاءِ راضي ٿي ويندا آهن.

انٽرويو ۾ هن ڪنهن ميزبان جو نالو نه کنيو جڏهن ته وڊيو وائرل ٿيڻ تي کيس تنقيد جو نشانو به بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.