اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات بعد بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 39 تان ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار بخت محمد ڪاڪڙ پ پ ۾ شامل ٿي ويو.
ان موقعي تي ملڪ شاهه گرگيج، علي مدد جتڪ ۽ جمال رئيساڻي به موجود هئا.
خيال رهي ته ان کان اڳ 4 آزاد اميدوار پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري چڪا آهن.