ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) نيورالنڪ جي مالڪ ايلون مسڪ چيو آهي ته پهريون انسان جنهن جي دماغ ۾ ڪمپني چپ لڳائي آهي مڪمل طور تي صحتياب آهي ۽ پنهنجي دماغ سان ڪمپيوٽر جي مائوس کي ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو.
سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر) پراسيس ايونٽ ۾ ايلون مسڪ جو چوڻ هو ته مريض اعصابي اثرن سان ظاهري طور مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪو آهي. مريض رڳو سوچيندي اسڪرين کي مائوس کي ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو.
هن چيو ته نيورالنڪ هاڻي مريض لاءِ ڪلڪ ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.
Next Post
You might also like