ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سُرن جي ملڪه عابدا پروين جو اڄ 70 هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو.
عابدا پروين 20 فيبروري 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڄائي، عابدا پروين جو پيءُ استاد غلام حيدر مشهور موسيقار هو جيڪو سندس استاد به هو. عابدا پروين 1977ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ گلوڪاري شروع ڪئي.
عابدا پروين مشهور صوفي شاعرن بابا بلي شاهه، امير خسرو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ڀگت ڪبير ۽ ٻين جا ڪلام پڙهيا.
عابدا پروين جي سالگرهه جي موقعي تي شوبز انڊسٽري سوڌو مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ادارن ۽ تنظيمن پاران پروگرام رٿيا ويا.
واضح رهي ته عابدا پروين کي ستارا امتياز، هلال امتياز ۽ لطيف ايوارڊ سوڌو ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو آهي.
You might also like