فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر راجا رياض الزام هنيو آهي ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا کي 25 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو ويو، نيو يارڪ ۾ اوورسيز ذريعي ان کي فليٽ ڏنو ويو آهي.
فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راجا رياض چيو ته لياقت چٺا تمام وڏو الزام هنيو، ان جي ماضي بابت ٻڌائڻ چاهيان ٿو، هن 20 سال فيصل آباد ۾ نوڪري ڪئي، ڪرپٽ ترين مئجسٽريٽ هو، چٺا جي جتي به پوسٽنگ ٿي ڪرپشن ڪيائين، رٽائرمينٽ ويجهو ايندي پئسي وٺي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس تي ڪوڙو الزام هنيو.
هن چيو پي ٽي آءِ جي عادت آهي کٽين ته شفاف چونڊون ۽ هارائين ته الزام هڻندا آهن، پنڊي جي ڪمشنر کي 25 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو ويو آهي، آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ اوورسيز ذريعي ان کي فليٽ ڏنو ويو آهي، لياقت چٺا جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي انڪوائري ڪرڻ گهرجي، لياقت چٺا کي آخري پوسٽنگ 5 ڪروڙ رپيا وٺي عثمان بوزدار ڏني هئي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ گذريل ڏينهن به 9 مئي ٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي، علي امين کي ان لاءِ نامزد ڪيو ويو ته هو پي ٽي آءِ باني سان 9 مئي واقعن ۾ ملوث آهي، انهن جي ايجنڊا آهي ته ملڪ رهي يا نه رهي پي ٽي آءِ باني کي وزيراعظم بڻايو وڃي.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته سياسي قيادت ملڪ کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري، مولانا چيو هو بي اعتمادي ۾ اسان جو ساٿ ڏيو، ڪيترائي ماڻهو اسان کي سپورٽ ڪري رهيا آهن.
راجا رياض موجب نواز شريف چيو هو ته جيڪڏهن سادي اڪثريت ملي ته وزيراعظم بڻجندس، سادي اڪثريت نه ملي، نواز شريف شهباز شريف کي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪيو، ن ليگ جي حڪومت ٺهي ته 5 سال پورا ڪندي.
You might also like