بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ پ پ جا نمبر پورا آهن: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پ پ بلوچستان جي اڳواڻ سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪندڙ صوبي جي عوام کي تڪليف نه ڏين.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ پ پ جا نمبر پورا آهن، ن ليگ بلوچستان ۾ اسان کي حڪومت ٺاهڻ جو واضح پيغام ڏئي چڪي آهي، ن ليگ صوبي ۾ اسان جي اتحادي هوندي.
هن چيو ته بلوچستان جي عوام وڏو مينڊيٽ ڏنو آهي، آزاد ميمبر به پ پ ۾ اچي رهيا آهن، هارائيندڙ ڪجهه قوم پرست جماعتون واويلا ڪري رهيون آهن، ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪندڙ عوام کي تڪليف نه ڏين، انهن لاءِ قانوني فورم موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.