رياستي ادارن ۽ سياستدانن کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته رياستي ادارن ۽ سياستدانن کي پاڻ ۾ ڳالهائڻو پوندو، ڳالهيون نه ڪيون ويون ته ان جو فائدو دشمن کڻندو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته جيستائين پي ٽي آءِ باني نفرت جي سياست ختم نه ڪندو، تيستائين کيس قبول نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي سياسي مخالف قبول نه ڪري تڏهن به اڳتي وڌڻ جو رستو ناهي ملندو، اسان دير سان چونڊ نتيجن کي تسليم ڪيو، چاهيون ها ته هزار اعتراض ڪيون ها.
سندس چوڻ هو جڏهن عوامي فيصلو اچي وڃي ته حڪمت عملي ان ۾ آهي ته ان کي تسليم ڪيو وڃي، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو هارائي کٽي ويندا آهن ۽ کٽي هارائي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.