لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف طرفان ن ليگ سان رابطو نه ڪرڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته انهن کان پڇو انهن سان رابطو ڪنهن ڪيو آهي؟
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪڏهن چون ٿا پ پ سان رابطي ۾ آهيون، ڪڏهن چون ٿا ڪو رابطو ناهي، وري چون ٿا ن ليگ سان رابطو نه ڪنداسين، انهن کان ڪير پڇي ته انهن سان رابطو ڪنهن ڪيو آهي؟
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا حڪومت ٺاهينداسين ته پوءِ ٺاهين، ڪڏهن 180 ته ڪڏهن 150 سيٽون کٽڻ جي دعويٰ ٿا ڪن.
سندس موجب پي ٽي وارا چون ٿا ته ڪي پي ۾ اليڪشن ڪميشن ڪا ڌانڌلي نه ڪئي ۽ پنجاب ۾ جتي کٽيا آهن، اتي اليڪشن ڪميشن کي شاباش ۽ جتي هارايا آهن، اتي اليڪشن ڪميشن جو گهيرو ۽ احتجاج ڪندا.
مريم اورنگزيب چيو ته اهي 9 مئي واقعن جا ماسٽر مائينڊ اڳ جيان ملڪ ۾ رڳو ڏڦيڙ چاهين ٿا.
Next Post
You might also like