گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) ايم فائيو موٽروي تي هٿياربندن مسافر گاڏين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پهرئين واقعي ۾ هٿياربندن ايم فائيو موٽروي تي فائرنگ ڪري سردار عبدالرحمان بگٽي کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس گارڊ زخمي ٿي پيو.
ٻيو واقعو رات دير سان آندل سندراڻي ٿاڻي ويجهو پيش آيو، هٿياربندن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊرائيور سندن اشارو نظرانداز ڪيو ته هٿياربندن ڪوچ تي فائرنگ ڪري ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيو.
هٿياربندن ڪوچ مان مسافرن کي لاهي رقم ۽ سامان ڦر ڪيو ۽ ان دوران فائرنگ ۾ پشاور واسي جواد خان، علي حسن دراني، محمد ڪفيل ۽ روجهاڻ واسي امداد علي مزاري زخمي ٿي پيا.
ڌاڙيل سب انسپيڪٽر عبدالمجيد قاضي کي پڻ تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا.