ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ کان سڀاڻي تائين ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
يو اي اي، سعودي عرب، قطر سميت وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ تيز برساتن ۽ گجگوڙ جو سبب بڻجندڙ طاقتور اولهه جو سسٽم اڄ رات پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته عربي سمنڊ ۾ سسٽم جي موجودگي سبب سنڌ صوبي جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات جي صورتحال جي نگراني ڪندڙ اداري وڌيڪ ٻڌايو ته سسٽم سبب بلوچستان جي سامونڊي شهرن جيواني، گوادر، اورماڙا، تربت، پنجگور، بيلا، اوٿل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي.
Prev Post
You might also like