جماعت اسلامي ڪي پي اسيمبلي جي وڌيڪ ٻن سيٽن کان محروم، نمائندگي ختم

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي خيبر پختونخواهه اسيمبلي جون وڌيڪ ٻه سيٽون هارائي وئي، جنهن کانپوءِ ايندڙ اسيمبلي ۾ ان جي نمائندگي ختم ٿي وئي.
باجوڙ مان ڪي پي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 21 جي سرڪاري نتيجي موجب ڪامياب جماعت اسلامي اميدوار سردار خان جي ڪاميابي شڪست ۾ تبديل ٿي وئي.
پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار اجمل خان 16712 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سردار خان 8128 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
ان کانسواءِ پي ڪي 20 ۾ به شروعاتي نتيجن ۾ ڪامياب قرار ڏنل جماعت اسلامي جو اميدوار مولانا وحيد گل هارائي ويو.
سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار انور زيب خان 12903 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جو اميدوار مولانا وحيد گل 6869 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
ان کان اڳ پي ڪي 17 ۾ به جماعت اسلامي جو اميدوار ڪامياب ٿيو هو پر ٻيهر ڳڻپ ۾ هو هارائي ويو.
اليڪشن ڪميشن جي شروعاتي نتيجن موجب جماعت اسلامي 3 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي.
هاڻ وڌيڪ ٻه سيٽون هارائڻ کانپوءِ جماعت ايندڙ جي ايندڙ اسيمبلي ۾ نمائندگي ختم ٿي وئي آهي، هوڏانهن تحريڪ انصاف وري جماعت اسلامي سان گڏجي خيبر پختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.