فيسبڪ جي مالڪ ڪمپني ميٽا پنهنجي سوشل شيئرنگ ايپ انسٽاگرام ۽ مائڪرو بلاگنگ پليٽ فارم ٿريڊز تان پاڻمرادو سياسي مواد ڏيکارڻ بند ڪري ڇڏيو، پر واهپيدار سيٽنگ ۾ تبديلي ڪرڻ کان پوءِ مواد ڏسي سگھندا.
انسٽاگرام ۽ ٿريڊز جي بلاگ پوسٽن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته ٻنهي پليٽ فارمز تي هاڻي باءِ ڊيفالٽ يعني ماڻمرادو ڪنهن به قسم جو مواد نظر نه ايندو.
پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ايه ته واهپيدار ٻنهي پليٽ فارمز جي سيٽنگ ۾ تبديلي ڪرڻ کان پوءِ سياسي مواد ڏسي سگھندا.
ٻنهي پليٽ فارمز تي هلندڙ سال نومبر ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن کي نظر ۾ رکي سياسي مواد ڏيکارڻ بند ڪيو ويو آهي.
You might also like