مردان (ويب ڊيسڪ) مردان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز مردان ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ٿيو، اهي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
You might also like