ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد جي سنڌ گورنمنيٽ اسپتال جي ايمرجنسي ۾ سئلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اسپتال ۾ شارٽ سرڪٽ جي نتيجي ۾ ايمرجنسي اندر سئلينڊر ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو.
سنڌ جي صحت واري وزير سعد خالد لياقت آباد جي گورنمينٽ اسپتال جو دورو ڪري ايمرجنسي وارڊ جو به دورو ڪيو.
هن چيو ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي پر ڪو مريض متاثر ناهي ٿيو، 7 ملازم متاثر ٿيا آهن، جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like