ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز انگلينڊ جي اسٽيو ڪربي کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو، اڳوڻو فاسٽ بالر اسٽيو ڪربي زمبابوي جي ٽيم جو بالنگ ڪوچ آهي.
پاڪستان سپر ليگ 9 لاءِ ڪراچي ڪنگز پنهنجي بالنگ ڪوچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسٽيو ڪربي ڪراچي ڪنگز جي ڪوچنگ اسٽاف جو حصو هوندو.
اڳوڻو فاسٽ بالر اسٽيو ڪربي سمر سيٽ ڪائونٽي، ڊربي شائر جو بالنگ ڪوچ ۽ مارلي بون ڪرڪيٽ ڪلب جو هيڊ ڪوچ به رهي چڪو آهي.
We Welcome Steve Kirby as our fast bowling coach for #HBLPSL9 ⚡
With a wealth of experience as the bowling coach, Kirby brings expertise that will take our bowlers’ skills to new levels ❤️💙#YehHaiKarachi | #KingsSquad | #KarachiKings pic.twitter.com/TZLHhYJH62
— Karachi Kings (@KarachiKingsARY) February 11, 2024