”نواز يا مريم نه، شهباز يا بلاول مان ڪو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو امڪان ناهي.
اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته وفاق ۾ ڪير به اڪيلي سر حڪومت نه ٺاهي سگهندو، اتحادي حڪومت ئي ٺهندي، جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به اتحادي حڪومت ٺهندي.
هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي، جڏهن ته بلوچستان ۾ به مضبوط آهي، وفاق ۾ پ پ آزاد اميدوارن يا ن ليگ سان گڏجي حڪومت ٺاهي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو امڪان ناهي، شهباز شريف يا وري بلاول وزيراعظم بڻجندو، جوڙ ٽوڙ جي نتيجي ۾ آزاد اميدوار به وزيراعظم جو عهدو حاصل ڪري سگهي ٿو.
منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، مستقبل ۾ اها پ پ ۾ ضم ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.