گجرات ۾ پرويز الاهي جي گهرواري جي ريلي تي فائرنگ، هڪ ڄڻو زخمي

گجرات (ويب ڊيسڪ) گجرات ۾ چوڌري پرويز الاهي جي گهرواري قيصره الاهي جي ريلي تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.
پوليس موجب چوڌري پرويز الاهي جي گهرواري جي ريلي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.
پوليس ٻڌايو ته قيصره الاهي جي ريلي تي گاڏي ۾ سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، هوءَ ڪارڪنن سان گڏجي نتيجن تي احتجاج ڪري رهي هئي.
هوڏانهن چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اين اي 64 جو نتيجو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.