لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان اين اي 117 لاهور 1 جي آزاد اميدوار علي اعجاز کي شڪست ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 117 لاهور 1 جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪارين نتيجي موجب عليم خان 72519 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار علي اعجاز 31586 ووٽ کنيا.
هوڏانهن پي پي 149 لاهور جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب عليم خان 51 هزار 756 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار ذيشان رشيد 47 هزار 998 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
Prev Post
You might also like