آزاد اميدوارن جي کٽڻ تي حيرت ناهي، اهي ملڪ لاءِ سوچين: عون چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري چيو آهي ته آزاد اميدوارن جي کٽڻ تي حيرت ناهي، اڳتي ڏسون ڇا ٿو ٿئي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عون چوڌري چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ سياسي استحڪام کي وڌائڻ آهي، اسان جي ن ليگ سان انڊر اسٽينڊنگ آهي، پارٽي جو مقصد ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي فراهمي آهي.
هن چيو ته آزاد اميدوارن جي کٽڻ تي حيرت ناهي، ڏسون اڳتي ڇا ٿو ٿئي، آزاد اميدوار ملڪ جي استحڪام جو سوچين، ملڪ جي بهتري لاءِ جيڪو به ڪرڻو پئي ته ڪرڻ گهرجي، پارٽي سربراهه ملڪ جي بهتري لاءِ فيصلا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.