ڇا بختاور ڀٽو زرداري ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو؟

خبرون آهن ته ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن دوران لکين ووٽرن ووٽ ڪاسٽ ناهي ڪيو ۽ ووٽ ڪاسٽ نه ڪندڙن ۾ ڪجهه مشهور شخصيتون به شامل آهن.
مشهور شخصيتن ۾ شامل بختاور ڀٽو زرداري به آهي، جنهن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي تصوير يا وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ناهي ڪئي ۽ نه ئي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سندس ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي ڪا اپڊيٽ شيئر ڪئي وئي آهي.
پاڻ بختارو ڀٽو زرداري به پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز ۾ ڀاءُ بلاول ڀٽو ۽ ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري پاران ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي تصوير ۽ وڊيوز به شيئر ڪيون.
اهڙي طرح پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽوئيٽر هينڊلز تي به بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري ۽ آصفه ڀتو زرداري پاران ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون ويون پر بختارو ڀٽو زرداري جي ڪا اپڊيٽ شيئر ناهي ڪئي وئي.
بختاور ڀٽو زرداري پاران ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ جي تصوير يا اسٽيٽس شيئر نه ڪرڻ تي خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هن ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو هوندو، ان حوالي سان تصديقي طور تي ڪجهه به نٿو چئي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.