خبردار! ٿوري غلطي به اوهان جو ووٽ زيان ڪري سگھي ٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿوري غلطي به اوهان جو ووٽ زيان ڪري سگھي ٿي.
چونڊ عمل ۾ شرڪت لاءِ ضروري آهي ته عوام کي ووٽ وجهڻ جي اهليت ۽ پنهنجي تڪ بابت ڄاڻ هجي، اليڪشن جي ڏهاڙي پولنگ اسٽيشن تي موجود ووٽر کي ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پوندو ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ دوران ڪهڙا طريقا ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پونديون اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.
اليڪشن جي ڏينهن ووٽ وجهڻ وقت ووٽرن کي ان ڳالهه کان آگاهه هجڻ گھرجي ته پولنگ بوٿ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ پولنگ آفيسر اصل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ چونڊ لسٽ ۾ داخل تفصيل چيڪ ڪندو. ووٽ وجهڻ وقت مدي خارج قومي سڃاڻپ ڪارڊ به قبول ڪرڻ جوڳو هوندو.
پولنگ آفيسر ووٽر جو نالو ۽ سلسلو نمبر وڏي آواز سان پولنگ ايجنٽس جي آڏو کڻندو ۽ چونڊ لسٽ مان نالو ڪٽيو ويندو. پولنگ آفيسر لسٽ تي ووٽرن جي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر جي آڏو لاڳاپيل ووٽر جي آڱوٺي جو نشان وٺي آڱوٺي تي نه ڊهندڙ مَسُ جو نشان لڳائيندو.
ان کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ اسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر بيلٽ پيپرز جي پٺيان صحيح ۽ ٺپي کان پوءِ قومي اسيمبلي لاءِ سائي رنگ ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ اڇي رنگ جو بيلٽ پيپر جاري ڪندا.
اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن پاران جاري ڪيل بيلٽ پيپرز تي ووٽر، ووٽنگ اسڪرين جي پٺيان پنهنجي پسند جي ڪنهن به اميدوار جي چونڊ نشان تي درست طريقي سان ٺپو هڻندو. سائي رنگ جو بيلٽ پيپر سائين ڍڪ واري بيلٽ باڪس ۽ اڇي رنگ جو بيلٽ پيپر اڇي ڍڪ واري بيلٽ باڪس ۾ وجهڻو پوندو.
پولنگ اسٽيشن تي موجود ووٽرز قائدن ۽ ضابطن جو خاص خيال رکڻ جا پابندي هوندا. پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ وقت ووٽر جي رازداري جو هر حال ۾ خيال رکڻو پوندو. پولنگ اسٽيشن جي اندر موبائيل فون ۽ ڪيمرا کڻي اچڻ تي پابندي هوندي. پولنگ جو مقرر وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ به پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ موجود ووٽرز پنهنجو ووٽ وجهي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.