ڪيترا سيڪڙو پاڪستاني چونڊ نتيجا تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ سروي جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني عوام جمهوريت جي تسلسل ۽ شفاف چونڊن جي حوالي سان پراميد آهي.
آءِ پي ايس او ايس (IPSOS) عام چونڊن جي شفافيت جي حوالي سان پاڪستان پلس سروي جاري ڪري ڇڏي.
سروي موجب 76 سيڪڙو پاڪستاني چونڊ نتيجن کي تسليم ڪندا، جڏهن ته 17 سيڪڙو ڪا راءِ نه ڏني.
سروي موجب ٻهراڙي جي علائقن جا 77 سيڪڙو، جڏهن ته شهري علائقن جا 74 سيڪڙو ماڻهو چونڊ نتيجن کي تسليم ڪندا.
خيبر پختونخواهه ۾ 79، پنجاب ۾ 78، سنڌ ۾ 74، بلوچستان ۾ 63، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 53 سيڪڙو ماڻهو چونڊ نتيجن کي قبول ڪندا.
سروي جي نتيجن موجب ووٽ نه وجهندڙن طرفان چونڊ نتيجن کي تسليم ڪرڻ جي شرح 56 سيڪڙو آهي.
سروي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پاڪستاني عوام شفاف چونڊن جي حوالي سان پراميد آهي ۽ جمهوريت جي تسلسل کي ملڪي ترقي جو رستو سمجهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.