چيف اليڪشن ڪمشنر جون چئني صوبن ۾ سيڪيورٽي بابت اهم هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا عام چونڊن دوران چئني صوبن ۾ سيڪيورٽي بابت اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
چيف اليڪشن ڪمشنر چئني چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، هن چئني آءِ جيز کي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رکڻ جي هدايت ڪئي.
سڪندر سلطان راجا چيو ته جلد کان جلد سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري کي مڪمل ڪيو وڃي، ووٽرن، ڊي آر اوز آر اوز جي آفيسن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.
هن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.